پرمانند ڀنڊار

پرمانند ڀنڊار: پرمانند ڀنڊار، شڪارپور جي هڪ سنت سوامي پرمانند چوڪس رام چگهه آسراڻيءَ جي نالي سان منسوب آهي، جيڪو 1935ع ۾ قائم ڪيو ويو هو. هن ڀنڊار جو مقصد سنتن جا جيون چرتر شايع ڪرڻ هو. هن ڀنڊار پاران جيڪي به ڪتاب شايع ٿيا، اهي سوامي پرمانند جا ترتيب ڏنل ۽ لکيل هئا، جن ۾ ”آتم پرڪاش“، ”برهم وديا“ (1940ع)، ”ڌرم تتو“ (1939ع)، ”آنند ڀنڊار“ (1937ع)، ”گرهست ۾ برهمچريه“ (1941ع) شامل آهن. ورهاڱي کان پوءِ سوامي پرمانند جي انڊيا وڃڻ کان پوءِ هي ڀنڊار ختم ٿي ويو.


لفظ پرمانند ڀنڊارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو